رهجي ويل منظر

رهجي ويل منظر

رهجي ويل منظر

رهجي ويل منظر (ڪتاب): هي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار طارق عالم ابڙي جو مشهور ناول آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1984ع ۾ شايع ٿيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل هن ناول نوجوانن ۾ مقبوليت ماڻي ۽ اڄ تائين هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا مختلف ادارن شايع ڪيا آهن. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي امڙ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪئي آهي. هن ڪتاب جي هن پنجين ڇاپي جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي، مهاڳ ۾ هو لکي ٿو ته: ”ڪنهن نه ڪنهن ’سنجھا‘ ڪنهن نه ڪنهن ’پنهونءَ‘ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سڀني يونيورسٽي ڪئمپسن ۾ جنم وٺندي رهي آهي ۽ ان کي ڪو نه ڪو طارق عالم لکندو ئي آهي. پر مسئلو ڪنهن ڪئمپس ۾ جنم وٺندڙ ۽ ختم ٿيندڙ رومانس جي عام موضوع جو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته ان ڪهاڻيءَ اندر ڇاڇا چيو ويو آهي. طارق عالم جو هي ناول ان نقطه نگاهه کان پرکي سگھجي ٿو. گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي، مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي.“
هن ناول جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي سٺن ناولن ۾ ٿئي ٿو. هي ناول يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ جوڙي جي پيار جي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هن ۾ ليکڪ جي انداز بيان ۽ تسلسل ناول کي ڪامياب بڻايو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1984ع ۾ حسينا سيد پبلشرز صدر، حيدرآباد، ٻيو ڇاپو آڪٽوبر 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن ۽ ٽيون ۽ چوٿون ڇاپو روشني پبليڪيشن شايع ڪيو، جڏهن ته هتي ڏنل هيءُ پنجون ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد فيبروري 2000ع ۾ شايع ڪري، پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ناليوارن ليکڪن ڪيهر شوڪت، عبدالقادر جوڻيجي ۽ امر جليل جا رايا شامل آهن. 162 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي، هن ڪتاب جا بعد ۾ پڻ ايڊيشن آيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو